رسول بخش ٻگھيو گچيرائي

رسول بخش ٻگھيو گچيرائي

رسول بخش ٻگھيو گچيرائي

رسول بخش ٻگھيو گچيرائي: اديب ۽ سماج سڌارڪ رسول بخش ولد حاجي موريل ٻگھيو، 19 آڪٽوبر 1949ع تي ساهتي پرڳڻيءَ جـي قـديـم تاريخي شهـر گچيـري، پراڻي تعلقي موري ۾ جـنـم ورتـو. قرآن مجيد ۽ پنجين درجي تائين سنڌي تعليم پراڻي گچيري جي اسڪول مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1960ع ۾ هاءِ اسڪول موري مان ڪيائين، بي. اي 1970ع ۾ ڊگري ڪاليج نوابشـاهه مان ۽ ايم. اي عربي 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ۽ ايل. ايل. بي 1980ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين.
کيس سماجي خدمت جو جذبو والد کان ورثي ۾ مليو. رسول بخش جو والد زميندار هو، جيڪو ان وقت گچيري ۾ مسافرخانو هلائيندو هو. سندس خاندان عام ماڻهن جي سهولت لاءِ کوهيون کوٽائڻ، بيروزگار ماڻهن کي روزگار سان لڳائڻ، غريب ۽ بيواهه عورتن جي مدد ڪرڻ ۽ غريبن جي نياڻين کي ڏاج وغيره ڏيڻ جي حوالي سان گھڻو مشهور هو. رسول بخش پرائمريءَ ۾ پڙهڻ دوران مسجد جي ڪمن، صفائي ڪرڻ، پاڻيءَ جي انتظام ۽ سياري ۾ نمازين جي وضو لاءِ گرم پاڻيءَ جي انتظام ڪرڻ جهڙن مشغلن سان سماجي ڪمن جي شروعات ڪئي.
1965ع ۾ گچيري ۾ انگريزي اسڪولن جي کوٽ کي محسوس ڪندي رضاڪارانه طور ٻارن کي انگريزيءَ جي تعليم ڏيندو هو. مئٽرڪ ڪرڻ بعد گچيري ۾ مڊل اسڪول جي برانچ قائم ڪرايائين، جنهن کي بعد ۾ مڊل اسڪول جو درجو ڏياري بلڊنگ منظور ڪرايائين. بعد ۾ نياڻين جو اسڪول قائم ڪري پڙهائڻ لڳو، وري سرڪاري اسڪول منظور ڪرائي، هڪ ماسترياڻي ڀرتي ڪرايائين. سندس ئي ڪوشسن سان اهو اسڪول اڳتي هلي گرلس مڊل اسڪول ۽ 1979ع ۾ گرلس هاءِ اسڪول بڻيو.
هن ڪيتري عرصي تائين گھر گھر وڃي ٻارن کي قرآن مجيد جي تعليم ڏني ۽ ماڻهن ۾ ٻار پڙهائڻ جو جذبو پيدا ڪيو.
رسول بخش گچيرو- مورو روڊ منظور ڪرايو ۽ گچيري جي پرائمري ۽ انگريزي اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ فنڊ منظور ڪرائي، انهن ادارن جي ضرورتن کي پورو ڪري، مقامي ماڻهن لاءِ سهولت پيدا ڪئي.
رسول بخش 1982ع ۾ خان محمد پنهور سان گڏجي ’سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن‘ ۾ سرگرم رهيو ۽ علائقي ۾ ’سگا‘ جون ڪيتريون شاخون قائم ڪرايائين، ان دوران پراڻي گچيري ۾ ’مارئي لائبريري‘ نالي ڪتبخاني جو بنياد وڌائين.
هن اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ ڪوششون وٺي 21 غريب خاندانن کي پڪا گھر ٺهرائي ڏياريا ۽ 30 گھرن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جا نلڪا هڻائي ڏنا. هن 40 نياڻين کي قرآن مجيد پڙهائي پورو ڪرايو ۽ انهن نياڻين کي سؤ سؤ روپين جا هار ۽ پوتيون پارائي خوشيءَ سان رخصت ڪيو.
رسول بخش گچيرائي 1985ع ۾ مخدوم بلاول جي وڏي خليفي مخدوم هنڱوري جي نالي سان ’مخدوم هنڱورو هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي‘ ٺاهي، جنهن جو چيئرمين مقرر ٿيو. مخدوم هنڱوري جي قديم مقبري جي مرمت ڪرايائين ۽ ان تنظيم پاران هر سال مخدوم بلاول جي ولادت واري تاريخ تي ’مخدوم بلاول ۽ سندس خليفن بابت ڪانفرنس‘ ڪوٺائيندو رهندو آهي. ان کانسواءِ هن تنظيم پاران گچيري جي پراڻي جامع مسجد جي تعمير، سيد عالم شاهه جي چؤڪنڊي ۽ مخدوم قاضي محمد ڇتن جي مقبري جي نئين سر تعمير ڪرايائين. 40 عورتن کي روزگار لاءِ سلائي مشينون وٺي ڏنائين ۽ ڪيترن ئي ڪڙمين کي سرڪاري زمينون لکت ڪرائي مالڪاڻا حق ڏياريائين. شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪول جي يونيفارم سبرائي مفت تقسيم ڪيائين.
رسول بخش مختلف سماجي، ادبي ۽ علمي تنظيمن جو عهديدار رهيو آهي، جن ۾ ايجوڪيشن سوسائٽي گچيري جو سيڪريٽري، ڳوٺ سڌار سنگت جو مرڪزي وائيس چيئرمين، ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ضلعي نوشهري فيروز جو ٻه دفعا جنرل سيڪريٽري، آل سنڌ ٻگھيا ويلفيئر ايسوسيئيشن جو باني ۽ جنرل سيڪريٽري، سنڌ آبادگار بورڊ موري جو جنرل سيڪريٽري، لطيف ڪلب ڪراچيءَ جو ميمبر ۽ هاري حقدار ڪميٽي گچيري جو سربراهه رهي چڪو آهي. هن وقت ڳوٺ سڌار سنگت جو مرڪزي چيئرمين، مهڪ سوسائٽيءَ جو چيئرمئن ۽ جامع مسجد گچيري جو مهتمم ۽ خطيب به آهي. رسول بخش ٻگھيو ادبي حوالي سان سڄيءَ سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو. مختلف موضوعن تي سندس 300 مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. سندس ٻه ڪتابَ: (1) ’مخدوم هنڱورو‘ ۽ (2) ’صاحب سڳورا‘ ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.04.19  عيسوي

اديب ۽ سماج سڌارڪ رسول بخش ولد حاجي موريل ٻگھيو، 19 آڪٽوبر 1949ع تي ساهتي پرڳڻيءَ جـي قـديـم تاريخي شهـر گچيـري، پراڻي تعلقي موري ۾ جـنـم ورتـو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه ذوالفقار
ستيش روهڙا
ستار بلوچ
گنو سامتاڻي
خواند مير
جهانگياڻي سنتداس
سڪندر علي مرزا
دادا سنڌي
عبدالقيوم صائب
صبا دشتياري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون